حاجي مينهون خان لغاري 1

حاجي مينهون خان لغاري (سگهڙ): حاجي مينهون خان ولد لعل بخش لغاري 1939ع ڌاري ڳوٺ پيرونمل، تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. تر جي سگهڙن ۾ وڏو مقام رکندو هو. ڏور ۽ ڳجهارت سان عشق هوس. سينگار جا بيت به ٺاهيندو هو. شادين مرادين ۽ محفلن ۾ سگهڙن کي گهرائي، محفل مچائيندو هو. 18 ميل موري تي ٻين همعصر سگهڙن سان گڏ اچي ڪچهري ڪندو هو، جتي گهڻو ڪري روزانو ڏور، ڳجهارتون، سينگار ۽ نڙ بيتن جي محفل ٿيندي هئي. سندس همعصر سگهڙن ۾ چاندي فقير چانڊيو، عزيز الله لغاري، عابد لغاري، فقير احمد خان سڌيراڻي مري، استاد بخش خان شر، عارف چانڊيو، محمد پريل ڪيريو، دوست علي فقير جانوري ۽ ٻيا شامل هوندا هئا. بيت الله'>حج بيت الله جي سعادت به ماڻيائين. هن 1990ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سرينواري واري مقام ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو